پاڪستان

تازه خبرون

November 23, 2021 3:16 pm

حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ اوليت جي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ، وزير اعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ اوليت جي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي،ايڪسپورٽ صنعت ۾ سيڙپ وڌڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.

ترجيحي شعبن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته سيڙپڪاري لاءِ مناسب ماحول تيار ڪرڻ لاءِ سمورا حڪومتي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي.

اجلاس ۾ چين، پاڪستان راهداري جي فيز ٽو تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڌاٻيجي، علاما اقبال ، بوستان ۽ رشاڪي خاص صنعتي زون ۾ گيس  ۽ بجلي جي فراهمي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، بنيادي طور صنعتن لڳائڻ لاءِ گهربل بجلي ۽ گيس موجود آهي..

وڌيڪ پڙهو: