پاڪستان

December 20, 2021 1:24 pm

حڪومت اسان جي آهي، ڌانڌلي ڪيون ها ته نتيجا اهڙا اچن ها؟ : شوڪت يوسفزئي

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ صوبائي وزير مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مليل شڪست تسليم ڪري ورتي.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير محمود خان چيو ته اليڪشن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ سسٽم جو حصو آهي.
صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو ڪارڻ مهانگائي کي قرار ڏيندي چيو ته چونڊن ۾ شڪست جو ڪارڻ مهانگائي آهي،
وزيراعظم کي عوام جو احساس آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿيندي.
شوڪت يوسفزئي چيو ته اپوزيشن گوڙ ڪري ٿي ته ڌانڌلي ٿي آهي، حڪومت اسان جي آهي، ڌانڌلي ڪيون ها ته نتيجا اهڙا اچن ها؟
صوبائي وزير عاطف خان به چونڊن ۾ شڪست جو ڪارڻ مهانگائي کي قرار ڏئي ڇڏيو..

وڌيڪ پڙهو: