پاڪستان

November 25, 2021 3:22 pm

حڪمران ملڪ کي پٿر جي دور ڏانهن واپس وٺي وڃي رهيا آهن : شيري رحمان

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته  حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ برداشت نه ڪرڻ جهڙو اضافو ڪري رهي آهي،

وزيراعظم  ريليف جو اعلان ڪيو هو،پر  اڄڪلهه حڪومت مهانگائي پيڪيج ٺاهڻ  ۾ رڌل آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته حڪومت بجلي تي سبسڊي ختم ڪري اگهه ۾ واڌ ڪندي.

هن چيو ته قيمتن ۾ اضافي کانسواءِ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 610 ارب رپين جو اضافي بار عوام تي وڌو ويندو.

پ پ اڳواڻ چيو ته تباهي سرڪار ٽن سالن ۾ گيس جي قيمتن ۾ پهريان ئي 350 سيڪڙو اضافو ڪري چڪي آهي.

شيري رحمان چيو ته  هاڻ آءِ ايم ايف جي حڪم تي گيس في ايم ايم بي ٽي يونٽ تي 400 رپين جو وڌيڪ اضافو ڪيو پيو وڃي،حڪمران ملڪ کي پٿر جي دور ڏانهن واپس وٺي وڃي رهيا آهن..

وڌيڪ پڙهو: