سنڌ

December 9, 2021 12:59 pm

حليم عادل شيخ جو وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط

سنڌ ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ پوليس ڪيڊر ۾ امڪاني تبديلي واري معاملي تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي قدم کي آئين جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پوليس ڪيڊر ۾ امڪاني تبديلي واري معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکيو آهي.

حليم عادل شيخ خط ۾ چيو آهي ته پتو پيو آهي ته ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي صوبائي ڪيڊر جي جوڙجڪ ايجنڊا ۾ شامل آهي،

جيڪو قدم 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 241-240 خلاف آهي.

هن چيو ته آرٽيڪل 240 پاڪستان جي خدمتن ۾ مقرريون ۽ سروس جا شرط آئين جي تابع آهن، هي آل پاڪستان سروس آهي، جنهن جون خدمتون وفاق ۽ صوبن لاءِ گڏيل آهن.

حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو آهي ته ڪيڊر جي جوڙجڪ ۽ پوسٽن مان سيٽن جي ورڇ انهيءَ سروس جي حالت کي تبديل ڪرڻ برابر هوندي.

واضح رهي ته پوليس آرڊر 2002 لاڳو ٿيڻ بعد ڊي ايس پيز جي سڌيءَ ريت ڀرتي روڪي وئي هئي، ايڪٽ 2019ع  لاڳو ٿيڻ بعد سڌيءَ ريت ڀرتي ڪري سگهجي ٿي..

وڌيڪ پڙهو: