اهم خبرون

پاڪستان

August 5, 2022 5:28 pm

جيڪڏهن نيب جو قانون غلط آهي ته اسيمبلي ۾ بل ڇو نه آڻيندا؟ سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته نيب قانون غلط آهي ته اسيمبلي ۾ بل ڇو نه آڻين؟

نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته ترميمون ڪنهن به آئيني شق سان متاثر ٿيندي نظر نه ٿيون اچن،

قانون پارليامينٽ منظور ڪيو آهي، ان جو احترام ڪرڻ ضروري آهي.

هن چيو ته اهو به ٻڌايو ته نيب ملڪ جي معيشت ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ ترميم تي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٻڌڻي جي موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي معيشت تباهي جي ڪناري تي آهي، عدالت کي عوام جي مفاد کي به ڏسڻو آهي.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته موجوده حڪومت پنهنجا گناهه معاف ڪري، ايندڙ حڪومت پنهنجو پاڻ ڪندي.

هن چيو ته ان ڪيس ۾ جيڪڏهن بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جو ڪيس آهي ته هو ان جي ٻڌڻي ڪندا، ٻي صورت ۾ عدالت جي دائري ۾ نه ايندي.

وڌيڪ پڙهو: