پاڪستان

December 8, 2021 12:59 pm

جيڪڏهن قانون هٿ ۾ کنيو ته حڪومت به کڻي سگهي ٿي : شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم کي 23 مارچ تي اعلانيل مهانگائي مارچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن قانون هٿ ۾ کنيو ته حڪومت به کڻي سگهي ٿي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 23 مارچ کان هڪ هفتو اڳ اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي پريڊ جون تياريون شروع ٿي وينديون آهن،

اپوزيشن کي مارچ ڪرڻو آهي ته 30 مارچ تي ڪري.

هن چيو ته اپوزيشن چئن مهينن جو وقت ڪمپني جي مشهوري لاءِ ڏنو آهي، نواز شريف ڏيهه واپس اچڻ چاهي ته سندس دستاويز 24 ڪلاڪن اندر تيار ٿي ويندا.

هڪ سوال جي جواب  ۾ شيخ رشيد چيو ته ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته وڏن واڳن تي هٿ وڌو وڃي، ملڪ ۾ بحران پيدا ڪندڙن کي بخش نه ڪنداسين..

وڌيڪ پڙهو: