پاڪستان

December 28, 2021 2:49 pm

جيڪي عملدار پنهنجي آئيني ذميداري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، ڇو نه انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي؟ : چيف جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيشنل پارڪ ۾ ڊفينس ڪمپليڪس جي ڀت جي اڏاوت جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندي دفاع، گهرو سيڪريٽري ۽ سي ڊي اي جي چيئرمين کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته جيڪي عملدار پنهنجي آئيني ذميداري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، ڇو نه انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي؟.
عدالت دفاع جي سيڪريٽري ، گهرو سيڪريٽري ۽ سي ڊي اي جي چيئرمين کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس چيو ته توهان کي شهيدن جو خيال ناهي، توهان هر وقت قانون ٽوڙيو ٿا، اها شهيدن جي توهين آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: