بين الاقوامي

November 15, 2021 10:29 pm

جوڙو عمري جي سعادت لاءِ ميلن جو سفر ڪري موٽر سائيڪل تي مڪي پهچي ويو

مصري جوڙو موٽرسائيڪل تي سفر ڪرڻ جي شوق ۽ عمري جي شوق ۾ 1200 ڪلوميٽرن جو ڊگهو سفر طئي ڪرڻ بعد حجاز مقدس پهتو.

عرب ميڊيا موجب مصر جي شهر طنطا جو جوڙو عمره ادا ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي مڪي پهچي ويو.

مصري شهري عمر ابو دائود موجب کيس ننڍپڻ کان موٽرسائيڪل جو شوق هو ۽ بعد ۾ موٽرسائيڪل جي شوقينن جون وڊيوز ڏسي هن موٽرسائيڪل خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

عمر ابو دائود 1200 ڪلوميٽر جو فاصلو موٽر سائيڪل تي طئه ڪري سعودي عرب پهتو ۽ سندس زال اسما الجنزوري 48 ڪلاڪن جي ڊگهي سفر ۾ ساڻس گڏ هئي.

مصري جوڙي جو چوڻ آهي ته مصر ۽ سعودي عرب وچ ۾ زميني رستو نه هئڻ سبب کين ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻو پيو.

وڌيڪ پڙهو: