مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۾ 20 کان 25 ماڻهو روز مرندا هئا، جنهن تي ضابطو آڻي ورتو هو پر ڪجهه مهينن کان صورتحال وري خراب ٿيندي پئي وڃي،
جيڪي جوابدار وارداتون ڪرڻ باوجود آزاد ٿين ٿا، اهي ٻيهر آزاد ٿي ڪارروايون ڪن ٿا،
جوابدارن کي آزاد حڪومت نه پر عدالتون ڪنديون آهن، ڪرمنل اينڊ جسٽس سسٽم ۾ بهتري جي ضرورت آهي.
پوليس کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي..