پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جمهوري اصولن ۽ آئين تي پارٽي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي، موجودهه حڪمرانن جو جمهوريت جي بحالي ۾ ڪوبه ڪردار ناهي،ڪارساز جي شهيدن ۽ جيالن کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿي،18 آڪٽوبر 2007 تي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي قافلي تي حملو ڪيو ويو.
جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته ڪارساز سانحي ۾ پيپلز پارٽي جا 181 ڪارڪن شهيد ۽ سوين زخمي ٿيا.
هن چيو ته جانثارانِ بينظير ۽ ڪارڪنن بهادري ۽ قرباني جو نئون مثال قائم ڪيو.
شيري رحمان چيو ته ڌماڪي کانپوءِ جيالن پري ڀڄڻ بدران ٽرڪ جي چوڌاري تحفظ جو دائرو ٺاهيو.
پ پ اڳواڻ چيو ته 14 سال پهريان اڄوڪي ڏينهن تي شهيد بي بي سان گڏ جمهوريت واپس آئي هئي،عوام جي سمنڊ شهيد بي بي جو آڌرڀاءَ ڪيو..