top_news

پاڪستان

تازه خبرون

July 7, 2022 8:05 pm

تيل اگهن ۾ لاٿ ٿي رهي آهي، جلد مهانگائي ختم ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي سطح تي تيل جا اگهه گهٽجي رهيا آهن، قوم کي جلد مهانگائيءَ مان ڇوٽڪارو ملندو.

گرين ۽ بليو لائن ميٽرو بس سروس منصوبي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تيل اگهن ۾ واڌ دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر خدا جو شڪر آهي ته تيل اگهن ۾ ڪجهه لاٿ ٿي آهي.

هن چيو ته مهانگائي جو سلسلو گذريل 4 سالن کان جاري آهي، گذريل حڪومت جي غلط پاليسين سبب ترقياتي منصوبا دير جو شڪار آهن، چئن سالن جي دير جو جواب قوم اسان کان ٿي گهري، سي ڊي اي چيئرمين ماضي جي ڪوتاهين ۽ دير جو ازالو ڪري.

سندس چوڻ هو ته ملڪ قرضن ۾ وڪوڙيل آهي پر چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، اسان جي حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ پتوڙي رهي آهي، عوامي ڀلائي جا منصوبا حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

وڌيڪ پڙهو: