پاڪستان

December 21, 2021 12:45 pm

توهان سميت سليڪٽرز جي سليڪشن سٺي نه هئي : مريم اورنگزيب

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب به مڃي ورتو ته توهان سميت سليڪٽرز جي سليڪشن سٺي نه هئي.

جاري ڪيل بيان ۾  مريم اورنگزيب چيو  ته جڏهن ووٽ ۽ اميدوار چوري جا هجن، وعدا ڪوڙا، ڦرلٽ جي بازار گرم هجي ته اهو ئي حال ٿيندو آهي.

هن چيو ته ڪارڪردگي ٻڙي هجي، عوام بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت جو شڪار هجي ته ساڳيو حال ٿيندو، جيڪو ڪي پي ۾ عمران مافيا جو ٿيو آهي…

واضح رهي ته خيبرپختون خوا ۾ مڪاني چونڊن دوران عمران خان جي پارٽي کي شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي،

گذريل 10 سالن دوران صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجڻ باوجود مخالف ڌر جي اميدوارن کي سرسي رهي..

وڌيڪ پڙهو: