سنڌ

November 8, 2021 11:24 am

تلور جي شڪار کان منع ڪرڻ تي بيدردي سان قتل ڪيل ناظم جوکيو ڪيس

تلور جي شڪار کان منع ڪرڻ تي بيدردي سان قتل ڪيل ناظم جوکيو جي ڪيس ۾ پ پ جو گرفتار ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ سندس ٻه گارڊ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي،

جوابدارن کي پوليس سخت پهري هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو،  عدالت ٽنهي جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي،

ناظم جوکئي جي وارثن پاران ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم، ڄام ڪريم ۽ عرب شڪارين جا نالا به شامل ڪرڻ جو مطالبو، ڄام اويس جي پيشي دوران وڪيلن جو سخت احتجاج،

40 کان وڌيڪ وڪيلن ناظم جوکيو جو ڪيس وڙهڻ لا ءِوڪالت نامه جمع ڪرائي ڇڏيا..

وڌيڪ پڙهو: