پاڪستان

تازه خبرون

November 8, 2021 5:55 pm

تحريڪ لبيڪ پاڪستان وزيرآباد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ لبيڪ پاڪستان وزيرآباد ۾ 11 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جا مظاهرين گذريل 11 ڏينهن کان وزيرآباد ۾ الله والا چوڪ ڀرسان پارڪ ۾ خيما لڳائي رهيا آهن.

وزيرآباد ۾ جاري ڌرڻو سومر تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي سيد سردار شاهه چيو ته احتجاج ڪندڙ مسجد رحمت العالمين ڏانهن واپس ويندا.

ياد رهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻي سبب چناب درياهه تي جي ٽي روڊ تي 15 ڏينهن کانپوءِ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو هو.

وڌيڪ پڙهو: