سپريم ڪورٽ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ ريلوي جي زمين تي قائم تجوڙي هائيٽس کي ڊاهڻ وارو فيصلو لکت ۾ جاري ڪري ڇڏيو،
چيف جسٽس گلزار احمد لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته عمارت کي چئن هفتن ۾ ڪيرائي ڍير کنيو وڃي،
عمارت کي ڊاهڻ کان اڳ فائل ، بڪنگ ڪرائيندڙ جي لسٽ ۽ ٻيو سامان ڪڍيو وڃي،
بڪنگ جا فائل ڪمشنر ڪراچي جي نگراني ۾ ڪڍيا وڃن، بڪنگ ڪرائيندڙن کي ٽن مهينن اندر معاوضو ڏنو وڃي،
عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪندڙ تجوڙي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي..