پاڪستان

January 3, 2022 1:01 pm

تبديلي سرڪار پنهنجي نااهليءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي رهي آهي : شيري رحمان

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته عارضي بنيادن تي معيشت هلائڻ جا خطرناڪ نتيجا سامهون اچن پيا،

تبديلي سرڪار پنهنجي نااهليءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي رهي آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شيري رحمان چيو ته هفتيوار بنياد تي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي،

ڊسمبر ۾ مهانگائيءَ جي شرح 12 ڏهائي 3 سيڪڙو رهي، مني بجيٽ سان مهانگائيءَ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ ايندي.

هن چيو ته مهانگائيءَ جي شرح 22 مهينن جي مٿئين سطح تي پهچي وئي آهي،

تازو هڪ سروي ۾ ملڪ جي اڪثر عوام سرڪار جي ڪارڪردگي تي بي اعتماديءَ جو ووٽ ڏنو، اخلاقي طور هي بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو جواز وڃائي چڪا آهن.

شيري رحمان وڌيڪ چيو ته گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ مهانگائيءَ جي شرح 21 ڏهائي 92 سيڪڙو آهي، عارضي بنيادن تي معيشت هلائڻ جا خطرناڪ نتيجا سامهون ايندا..

وڌيڪ پڙهو: