پاڪستان

تازه خبرون

November 22, 2021 12:42 pm

تبديلي سرڪار پاران عوام مٿان مهانگائي جو هڪ وڌيڪ بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري

تبديلي سرڪار عوام مٿان مهانگائي جو وڌيڪ هڪ بم ڪيرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي،

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي بجليءَ جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ جي درخواست آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي.

درخواست تي ٻڌڻي 30 نومبر تي ٿيندي، منظوري جي صورت ۾ صارفين تي 61 ارب رپين جو بار وڌي ويندو.

اهڙي طرح ڪي اليڪٽرڪ پڻ نيپرا کي بجلي جو في يونٽ 29 پيسا مهانگو ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي،

نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تي ڪئي ويندي..

وڌيڪ پڙهو: