سموري ملڪ ۾ سياري جي برسات جو سلسلو جاري آهي، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن ڳڙي سان گڏ پيل برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي،
جبلن مان نئيون وهي اچڻ سبب گوادر سميت مختلف شهرن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
رپورٽس مطابق برسات سبب هيٺيان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا ۽ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهڻ سبب متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.
برسات جي تباهين کانپوءِ گوادر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، چمن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ گهرن ۽ اسڪولن کي نقصان پهتو آهي.
پاڪ فوج جون گوادر، پسني، تربت ۽ ڪوسٽل هاءِ وي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
موسميات کاتي پاران بلوچستان ۾ اڄ ٻيهر تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ڪوئيٽا، زوب ۽ زيارت ۾ برفباري ۽ برسات بعد رت ڄمائيندڙ ٿڌ ٿي وئي.
ٻئي طرف گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي.
گلگت بلتستان جي علائقي استور ۽ غذر سميت ٻين علائقن ۾ برفباري بعد مختلف علائقن کي ملائيندڙ روڊ بند ٿي ويا آهن.
ڪيترن ئي علائقن ۾ سوين گاڏيون ڦاسي پيون آهن، رحيم يار خان، راجنپور، ملتان، لاهور، اسلام آباد سميت مختلف علائقن ۾ به وسڪارو جاري آهي.
هوڏانهن دير بالا، چلاس، نانگا پربت، ڪوئيٽا، چمن، زيارت ۽ قلات ۾ به برفباري جو سلسلو جاري آهي..