اهم خبرون

تازه خبرون

April 23, 2022 7:20 pm

بلوچستان جي ترقيءَ سان گڏ صوبي جي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس, وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقيءَ سان گڏ صوبي جي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.

ڪوئيٽا ۾ خضدار – ڪچلاڪ قومي شاهراهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسنگ پرسنز بابت اختر مينگل سان گڏجي آواز اٿاريندس، صوبي مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته سوئي مان نڪرندڙ گئس مان سڄي ملڪ کي فائدو ٿئي ٿو پر مقامي ماڻهو ان فائدي کان محروم آهن ،بلوچستان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

شهباز شريف چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو قانون ذريعي حل نه ڪيو ويو ته بلوچستان جي ماڻهن ۾ محروميون وڌنديون.

هن  چيو  ته گم ٿيل ماڻهن وارو مسئلو جلد حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس،درخواست آهي ته اتر ۽ ڏکڻ بلوچستان واري بيانيي کي ختم ڪيو وڃي، سمورن علائقن جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن.

وزيراعظم چيو ته  ملڪ ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪر کنيو آهي، اسان کي ماضي مان سبق حاصل ڪري  دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي آهي.

وڌيڪ پڙهو: