بين الاقوامي

June 17, 2022 4:11 pm

بلنڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ملاقات ۾ سٺي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي،آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس  چيو آهي ته نئين پاڪستاني حڪومت جي نمائندن سان ملاقات جا ڪجهه موقعا مليا آهن،بلنڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ملاقات ۾ سٺي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جا طريقا ڳولينداسين.

ترجمان  نيڊ پرائس پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارت ۾ بي جي پي حڪومت پاران مسلمانن جي گهرن کي ڊاهڻ جي مذمت  ڪندي چيو ته اسان بي جي پي جي ٻن عهديدارن جي توهين  وارن تبصرن جي مذمت ڪريون ٿا.

هن چيو ته اسان مذهبي يا عقيدي جي آزادي سميت انساني حقن جي  معاملن تي ڀارتي حڪومت سان  ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا آهيون.

هن چيو ته روس سان ڀارت جا ڪيترائي ڏهاڪا پراڻا واسطا آهن،اسان پنهنجا لاڳاپا بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.

وڌيڪ پڙهو: