پاڪستان

December 20, 2021 1:28 pm

برطانيا مان ايندڙ سمورن مسافرن جي ايئرپورٽ تي انٽيجن ٽيسٽ لازمي قرار

برطانيا ۾ اومي ڪرون جي تيزيءَ سان پکيڙ سبب حڪومت سول ايوي ايشن اختيارين کي نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون،

برطانيا مان ايندڙ سمورن مسافرن جي ايئرپورٽ تي انٽيجن ٽيسٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي.

حڪومت سول ايوي ايشن اختيارين کي نيون هدايتون جاري ڪندي برطانيا مان ايندڙ سمورين اڏامن جي سختيءَ سان چيڪنگ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ايوي ايشن اختيارين موجب برطانيا مان پاڪستان ايندڙ اڏامن جي سمورن مسافرن لاءِ ايئرپورٽس تي ريپڊ انٽيجن ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي، جنهن ڪري اڏامن جي آمد واري وقت ۾ وَيڇِي رکي وڃي.

سول ايوي ايشن اختيارين موجب برطانيا مان ايندڙ مسافرن لاءِ اڏامن کان 48 ڪلاڪ اڳ ڪرونا پي سي آر ٽيسٽ لازمي هوندي..

وڌيڪ پڙهو: