نئين سال جي آمد کان ڪجهه ڪلاڪ پهريان عوام لاءِ سٺي خبر اچي وئي ،نيپرا بجلي 99 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
نيپرا پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو ته صارفين کي 22 ارب 48 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو.
نيپرا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب منظوري مالي سال 2021 جي آخري ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي.
نيپرا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏيو، فيصلو ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته صارفين کي ٽن مهينن تائين ريليف ملندو ۽ جنوري 2023 کان ريليف تي عمل ڪيو ويندو..