پاڪستان

September 30, 2021 4:57 pm

بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو پنجانوي پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان

نيپرا ۾ بجلي هڪ مهيني جي لاءِ 2 روپيه 7 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. رپورٽ موجب بجلي صارفين تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ نيپرا ۾ بجلي هڪ مهيني لاءِ بجلي 2 روپيه 7 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي. نيپرا پاران سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. نيپرا فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ بابت پنهنجو فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

سي پي پي اي طرفان درخواست آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي جنهن ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته ڊيزل ۽ فرنس آئل  جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگي بجلي پيدا ڪئي وئي. فرنس آئل مان 18 روپيه 24 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي بجلي هڪ مهيني لاءِ 2 روپيه 7 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي پر نيپرا طرفان بجلي هڪ روپيو 95 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. منظوري جي صورت ۾ صارفين مٿان 25 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.

وڌيڪ پڙهو: