سنڌ

January 3, 2022 12:57 pm

بجليءَ جي قيمت ۾ في يونٽ تي 4 رپيا 80 پئسا واڌ ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي واسي بجليءَ جي ڪرنٽ لاءِ تياري ڪري وٺن، بجليءَ جي قيمت ۾ في يونٽ تي 4 رپيا 80 پئسا واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي.

نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ وارين درخواستن تي ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو، اٿارٽي انگ اکرن جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو جاري ڪندي.

ڪراچي لاءِ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ بلي 4 روپيا 80 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ نومبر جي ماهوار فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 75 پئسا في يونٽ رليف ملڻ جو امڪان آهي.

ٻڌڻيءَ دوران نيپرا چيئرمين چيو ته ڪي اليڪٽر بجلي جا يونٽس مهانگا ڪرڻ جي ئي درخواست ڪري ٿي، سستا يونٽس ڪرڻ کي ڇونه پيو ڇيڙيو وڃي.

ڪي اليڪٽرڪ  ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ بجلي قيمتن ۾ ساڍا 5 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي..

وڌيڪ پڙهو: