سنڌ

December 29, 2021 3:13 pm

اڻڄاتل شرپسندن سنڌ جي ماڻهن جي ترجمان اخبارن روزاني ڪاوش ۽ ڪوشش جا بنڊل ڦاڙي ڦٽا ڪري ڇڏيا

لکي غلام شاهه ۾ اڻڄاتل شرپسندن سنڌ جي ماڻهن جي ترجمان اخبارن روزاني ڪاوش ۽ ڪوشش جا بنڊل ڦاڙي ڦٽا ڪري ڇڏيا، ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي.

سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي ترجمان اخبارن روزاني ڪاوش ۽ روزاني ڪوشش جي اخبارن جا آيل بنڊل اڻڄاتل شرپسند باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا.

ڪجهه ڏينهن اڳ به شرپسند ماڻهن پاران روزاني ڪاوش ۽ روزاني ڪوشش جا بنڊل غائب ڪيا ويا هئا، جنهن جي ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي وئي هئي.

چئن ڏينهن بعد ٻيهر شرپسندن ڪاوش ۽ ڪوشش جا بنڊل ڦاڙي ڦٽا ڪري ڇڏيا، پر پوليس پاران ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي..

وڌيڪ پڙهو: