سکر جي احتساب عدالت بوگس ڀرتيون ڪرڻ واري ڪيس ۾ سانگهڙ جي اڳوڻي ڊي ايڇ او غلام حسين انڙ کي 7 سال قيد ۽ 10 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
احتساب عدالت سانگهڙ جي صحت کاتي ۾ بوگس ڀرتين واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
جوابدار جي وڪيل دليل ڏنا ته صحت کاتي ۾ ٿيل ڀرتيون سندس اصيل جي مقرري کان اڳ واري دور جون هيون.
گريڊ هڪ ۾ 5 تائين 94 بوگس ڀرتيون ڪرڻ تي نيب جاچ مڪمل ڪري ڊاڪٽر غلام حسين انڙ خلاف 10 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪرايو ويو هو..