پاڪستان

October 14, 2021 12:18 pm

اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي قائم ٿيڻ جي دعويٰ

اڳوڻي صدر آصف زرداري ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي قائم ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري بابت موجودهه حڪومت نااهلي جو مظاهرو ڪيو،.

هن چيو ته گذريل ڀيري آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ وقت به  حڪومت پاران پنج مسودا تيار ڪيا ويا هئا، آءِ ايس آءِ چيف بابت مون کي ڄاڻ ناهي ته فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو، الله خير ڪندو.

صحافي پڇيو ته ڇا عمران خان صورتحال کي سنڀالي وٺندو يا نه؟،آصف زرداري چيو ته هن پنهنجا سياستدان مشڪل سان سنڀاليا آهن.

هڪ ٻئي سوال تي آصف زرداري چيو ته  احتساب جو عمل ايستائين جاري رهندو، جيستائين معيشت ڪمزور ٿي نٿي وڃي،.

هن چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس پنهنجي دفاع لاءِ آندو آهي،جنهن کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي..

وڌيڪ پڙهو: