رانديون

October 14, 2021 7:39 pm

اڳوڻو پاڪستاني هاڪي ڪپتان سلمان اڪبر آمريڪي گول ڪيپرز کي تربيت ڏيندو

اڳوڻي پاڪستاني هاڪي ڪپتان سلمان اڪبر آمريڪي هاڪي ايسوسيئيشن سان معاهدو ڪيو آهي، سلمان اڪبر آمريڪي گول ڪيپرز کي پين آمريڪن گيمز تائين تربيت ڏيندو.

39 سالن جي سلمان اڪبر کي آمريڪي هاڪي ايسوسيئيشن پاران گول ڪيپر ٽرينر مقرر ڪيو ويو آهي چار مهينن لاءِ.

سلمان اڪبر اڳ ۾ جاپاني قومي ٽيم جو گول ڪيپر ڪوچ رھيو آھي.

پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته هو هن وقت ٽيم کي فرينڪفرٽ ۾ ٽريننگ ڏئي رهيو آهي جنهن کانپوءِ هو نومبر ۾ آمريڪا ۾ ايندڙ رائونڊ جي ڪوچنگ ڪندو ته جيئن ٽيم پين آمريڪن گيمز لاءِ ٽيم تيار ڪري.

سلمان اڪبر چيو ته هو پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ به دستياب هوندو پر ان لاءِ کيس معاملا حل ڪرڻا پوندا.

وڌيڪ پڙهو: