پاڪستان

December 7, 2021 1:26 pm

اپوزيشن پاران 23 مارچ تي مهانگائي خلاف مارچ جي ڪال  وڏي غلطي آهي : شيخ رشيد احمد

وفاقي گهرو وزير  شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن پاران 23 مارچ تي مهانگائي خلاف مارچ جي ڪال  وڏي غلطي آهي، وقت جي چونڊ درست ناهي،

23 مارچ تي يوم پاڪستان ملهايو ويندو آهي،ان ڏينهن تي مخالف ڌر  لانگ مارچ  مارچ تي نظرثاني ڪري.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد مخالف ڌر کي اپيل ڪئي ته اها 23 مارچ تي لانگ مارچ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري،

ان ڏينهن تي جيڪڏهن اسلام آباد جا رستا بند هجن ته حڪومت تي ميار نه ڏني وڃي.

مولانا فضل الرحمان  جن پٺيان آهي، انهن جا مقصد ٻيا آهن،قوم سمجهي چڪي آهي  ته عوام توهان جو من و رنجن ۽ مرغ پلائو کي ڇڏي ڏنو آهي.

شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان درس نظامي  جي کٿابين کي ڪنهن جي پٺيان وٺي وڃڻ گهري ٿو؟.

هن ميڊيا هائوسز کي اپيل ڪئي ته دهشتگردي جون ڳالهيون ڪندڙن کي اهميت نه ڏئي،سيالڪوٽ جو واقعو  دل ڏاريندڙ هو، سخت ڪارروائي ڪنداسين..

وڌيڪ پڙهو: