پاڪستان

January 3, 2022 2:55 pm

اپوزيشن ٽولي جي هٿ مان وقت واريءَ جيان نڪرندو پيو وڃي : شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ٽولي جي هٿ مان وقت واريءَ جيان نڪرندو پيو وڃي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد لاهور پهچي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ملاقات ڪئي،

جنهن دوران راولپنڊي ۾ عوامي ڀلائيءَ وارن منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 23 مارچ تي مارچ جو اعلان ڪندڙن کي هوش کان ڪم وٺڻ کپي،

قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جي هٿ مان وقت نڪرندو پيو وڃي،

عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت اڳ کان به وڌيڪ مضبوط آهي ۽ مدو پورو ڪندي..

وڌيڪ پڙهو: