پاڪستان

December 16, 2021 1:05 pm

اي پي ايس سانحي کي 7 سال مڪمل

پشاور جي اي پي ايس سانحي کي 7 سال مڪمل ٿي ويا، شهيد اسڪولي شاگردن جو ڏک اڃا به قوم لاءِ تازو بڻيل، شهيد شاگردن جا وارث به اڃا تائين ڏک وساري نه سگهيا آهن.

اي پي ايس سانحي جي ورسي جي موقعي تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ تقريبون منعقد ڪري اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته بيشڪ دهشتگردي جو ڪوبه مذهب يا قوم نه ٿيندي آهي.

وزيراعظم چيو ته سانحي  پٺيان اها بزدلي واري سوچ آهي، جيڪا پنهنجي ناپاڪ سياسي سوچ کي پورو ڪرڻ لاءِ هٿئين خالي معصوم  ٻارن کي به استعمال ڪري سگهي ٿي.

اي پي ايس سانحي بابت بيان ۾ عمران خان چيو ته اڄوڪو ڏينهن  سموري قوم  کي دل ڏاريندڙ سانحي جي ياد ڏياري ٿو،بزدل شرپسند عنصرن  اسان جي مستقبل ٻارن تي حملوڪري کين شهيد ڪيو..

وڌيڪ پڙهو: