پاڪستان

January 5, 2022 1:17 pm

اين ايڇ اي جي قبضي هيٺ 5 ارب رپين جي زمين خالي ڪرائي : وزير اعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ هڪ هزار ارب رپيا ماڻهن جي کيسي ۾ هليا ويا، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي،

ادارن مان ڪرپشن ختم ٿيڻ سان عوام کي فائدو ٿيندو آهي.

اسلام آباد ۾ اين ايڇ اي جي تقريب کي خطاب ڪندي  وزير اعظم چيو ته ڪرپشن ختم ڪرڻ سان اين ايڇ اي جو روينيو ٻيڻو ٿي ويو آهي،

اين ايڇ اي ۽ مواصلات زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.

هن چيو ته ملڪ لانگ ٽرم پلاننگ سان ٺهندا آهن، لانگ ٽرم پلاننگ نه ٿيڻ سبب ڪجهه علائقا ترقي ڪندا آهن ۽ ڪجهه پٺتي رهجي ويندا آهن.

هن چيو ته مواصلات واري وزارت جي ڪارڪردگي سڀني کان نمايان آهي،سي پيڪ جي ايسٽرن روٽ تي سڀ کان وڌيڪ ڊولپمينٽ ٿي آهي.

عمران خان چيو ته 1960 واري ڏهاڪي ۾ وڏا وڏا منصوبا ٺهيا،جنهن کانپوءِ لانگ ٽرم پلاننگ ناهي ٿي.

هن چيو ته جڏهن پلاننگ ڪندا آهيون ته سڄو ملڪ ترقي ڪندو آهي، ڪجهه ماڻهو امير بڻجي ويندا آهن ۽ ڪجهه غريب رهجي وڃن ٿا.

وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ مارچ تائين هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس اچي ويندي، ماڻهن وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو ته خانگي اسپتالون قائم ٿينديون.

هن چيو ته اين ايڇ اي ۾ ويٺل ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث هئا، 2013جي ڀيٽ ۾ هاڻ رستا سستا تعمير ٿي رهيا آهن، سي پيڪ جي ڪري ملڪ جو مستقبل وڌيڪ روشن آهي،

سي پيڪ سان اولهه جي روٽ وارن کي گهڻو فائدو ٿيندو..

عمران خان چيو ته اين ايڇ اي جي قبضي هيٺ 5 ارب رپين جي زمين خالي ڪرائي آهي، ترقي هڪ طبقي نه پر پوري قوم جي ٿيڻ گهرجي..

وڌيڪ پڙهو: