پاڪستان

January 16, 2022 4:00 pm

ايندڙ 5 سال به اسان ئي اقتدار ۾ هونداسين : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي،

ايندڙ 5 سال به اسان ئي اقتدار ۾ هونداسين، حماد اظهر چاهي ٿو ته سڀئي کي گئس ملي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته گئس جا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ هر سال 9 ارب رپيا گهرجن،پيپلز پارٽي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مهانگائي سبب عمران خان اڳتي نه ايندو، وقت اچڻ ڏيو، توهان کي ٻڌائينداسين ته چونڊ ڪيئن وڙهبي آهي.

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير   چيو ته سنڌ حڪومت  صحت انصاف ڪارڊ ۾ پنهنجو حصو وجهي،هي انتهائي اهم پروگرام آهي، سمورن پريس ڪلبن کي صحت ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته  ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو سفيد پوش  ۽ وچولي طبقي کي ٿيندو، حادثي ۾ زخمي شخص جو به صحت ڪارڊ جي ذريعي علاج ٿيندو، هي پروگرام انتهائي اهميت وارو آهي.

فواد چوڌري چيو ته نجي اسپتال ويندڙن جي علاج جو خرچ حڪومت ادا ڪندي، امير ماڻهو پاڪستان ۾ نه پر ڏيهه وڃي علاج ڪرائي رهياآهن.

هن چيو ته سٺيون اسپتالون قائم ٿينديون ته هي عوام جي فائدي ۾ هونديون، جيستائين خانگي شعبي اڳتي نه ايندو، تيستائين مسئلا حل ٿي نٿا سگهن..

وڌيڪ پڙهو: