سنڌ

January 4, 2022 2:17 pm

ايندڙ وزيراعظم بلاول هوندو يا نواز شريف، اهو وقت ٻڌائيندو : منظور وساڻ

زراعت بابت وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته 2022ع ۾ تبديلي اها ايندي ته عمران خان بسترا گول ڪندو ۽ نواز شريف ڏيهه ايندو.

خيرپور ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ايندڙ وزيراعظم بلاول هوندو يا نواز شريف، اهو وقت ٻڌائيندو، ڌمال لڳڻ واري آهي، اٽو، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿينديون.

هن چيو ته ڪيميائي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري جون آبادگار دانهون ڪري رهيا آهن، ڀاڻ ٻاهر وڃي ٿو ته ان ۾ زراعت کاتي جا ڪجهه عملدار ملوث ٿي سگهن ٿا.

منظور وساڻ چيو ته ڪڻڪ جي  صوبائي چرپر  تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي  آهي، ڪڻڪ جي بمپر فصل لاءِ پاليسي ٺاهي ويندي، ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته سيد غوث علي شاهه بزرگ سياستدان آهي، جنهن پي ٽي آئي ۾ وڃي غلطي ڪئي،  هـُو واپس ٿي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو..

وڌيڪ پڙهو: