سنڌ

December 31, 2021 1:21 pm

ايم ڪيو ايم وارن جي شرافت کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت ڪراچي جو ٻچو ٻچو واقف آهي : سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني مني بجيٽ کي عوام دشمن، ظالماڻي ۽ آءِ ايم ايف جي بجيٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ته مهانگائي تي پنهنجي هينڊسم وزيراعظم کي ڪجهه نٿا چون،

پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي وارا ڇو خاموش آهن، نالاق حڪومت جي پاليسين جي ڪري مهانگائي وڌي وئي آهي،

ايم ڪيو ايم وارن جي شرافت کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت ڪراچي جو ٻچو ٻچو واقف آهي،

جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪن ٿا ته اسان به گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪنداسين.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته گيس، کنڊ،  اٽو  ۽ دوائون مهانگيون آهن، حڪومت دوائن جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ چاهي ٿي.

سعيد غني چيو ته  ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي وارا مني بجيٽ تي ڇو خاموش آهن؟، ايم ڪيو ايم وارن جي شرافت کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت ڪراچي جو ٻچو ٻچو واقف آهي،

وسيم اختر ڪنهن کي ٻڌائي رهيو آهي ته هو شريف آهن..

وڌيڪ پڙهو: