پاڪستان

December 10, 2021 12:27 pm

ايف آءِ اي چالان ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز مرڪزي جوابدار نامزد

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف ايف آءِ اي جَي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آءِ اي ڪيس جو چالان تيار ڪري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي چالان ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي مرڪزي جوابدار نامزد ڪيو آهي.

شريف ڪٽنب جي ڪجهه ملازمن سميت 17 کان وڌيڪ ماڻهن کي چالان ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شريف ڪٽنب جَي سي ايف او محمد عثمان به نامزد آهي.

ايف آءِ اي اختيارين پاران سڀاڻي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو.

واضح رهي ته ايف آءِ اي شهباز شريف جي ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي، جنهن ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بينڪنگ ڪورٽ سان عبوري ضمانت لاءِ رابطو به ڪيو آهي..

وڌيڪ پڙهو: