بين الاقوامي

پاڪستان

November 11, 2021 2:46 pm

او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي سفير وفد سان گڏ مظفرآباد جو دورو

او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي سفير وفد سان گڏ مظفرآباد جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو.

وفد ۾ سعودي عرب، مراڪش، سوڊان ۽ مالديپ جا سينئر سفارتڪار شامل هئا.

آءِ ايس پي آر مطابق او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندي يوسف الدوبي وفد جي اڳواڻي ڪئي.

آءِ ايس پي آر مطابق انساني معاملن جي نائب سيڪريٽري جنرل  طارق علي به وفد جو حصو هو.

پڌرائي موجب وفد اڄ ٿوٿا مهاجرن جي ڪيمپ جو دورو ڪيو، وفد کي ڀارتي ظلمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر مطابق وفد هنرمند تربيتي مرڪز جو دورو ڪيو، مهاجرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي..

وڌيڪ پڙهو: