تازه خبرون

ڪاروبار

October 16, 2021 5:06 pm

انڪم ٽيڪس جمع نه ڪرائڻ جي ڪيتري سزا ا آهي؟

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ سال 3.5 ملين ريٽرن حاصل ڪرڻ جو هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.

ايف بي آر ڪي انڪم ٽيڪس ريٽرن داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 15 آڪٽوبر تي ختم ٿي وئي ، جنهن ۾ وا نه ڪئي وئي.

ذريعن ٻڌايو ته ايف بي آر هن سال 3.5 ملين ريٽرن حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو هو جيڪو پورو نه ٿي سگهيو.

ايف بي آر جي ترجمان موجب 15 آڪٽوبر تائين 2.6 ملين انڪم ٽيڪس ريٽرن وصول ڪيا ويا ۽ ان سان گڏ ادا ڪيل ٽيڪس 48.6 ارب رپيا هو.

ترجمان ٻڌايو ته ٽيڪس رٽرن داخل ڪرڻ ۾ 45 سيڪڙو ۽ رٽرن سان گڏ ٽيڪس 64 سيڪڙو وڌي ويو آهي جڏهن ته گذريل سال 8 ڊسمبر تائين 1.8 ملين ٽيڪس ريٽرن وصول ٿيا هئا ۽ انهن تي 29.6 بلين رپين جو ٽيڪس هو.

ترجمان موجب ، هاڻي ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ وارن کي روزانو هڪ هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو ۽ جيڪي ريٽرن جمع نه ڪرائيندا انهن کي ٻن سالن تائين قيد ٿي سگهي ٿي.

وڌيڪ پڙهو: