سنڌ

December 24, 2021 12:41 pm

ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي وئي،

ڪيس جي فريادي ۽ جوابدار ڌر هڪ ڀيرو وري هڪٻئي تي دير وارا حربا استعمال ڪرڻ جا الزام هنيا آهن.

ميهڙ ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي،

جنهن دوران فريادي ام رباب چانڊيو،  جوابدار ڌر جو سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا پيش ٿيا.

عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو الزام هنيو ته جوابدار ڌر جا وڪيل بار بار نٿا اچن، هٿ وٺي ڪيس التويٰ جو شڪار ڪيو پيو وڃي.

جوابدار ڌر جي سردار خان چانڊيو چيو آهي ته سندن وڪيل آيو هو پر فريادي ڌر جي وڪيل دليل نه ڏنا،

سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ بهتان مڙهيا پيا وڃن، اها ٻه نمبري آخر ڪيستائين هلندي..

وڌيڪ پڙهو: