اهم خبرون

سنڌ

August 5, 2022 3:56 pm

اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت تڪ بندين خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪ بندين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال،

جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ تڪ بندين بابت سنڌ حڪومت خلاف خالد مقبول صديقي ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم موقف اختيار ڪيو ته تڪبندين ۾ آبادي جو تناسب هڪ جهڙو ناهي رکيو ويو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن تڪ بندين تي مطمئن آهي

اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي قانون چيو ته تڪ بنديون قانون موجب ڪيون ويون.

هن چيو ته تڪ بندين جو ڪم صوبائي حڪومت جو آهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته يونين ڪميٽي 90 هزار ماڻهن تي مشتمل هئي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ڪامياب ٿي جڏهن ته جن علائقن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي اتي هڪ يوسي جي آبادي 40 هزار آهي.

پ پ جي وڪيل خالد جاويد چيو ته جيڪڏهن اهو دليل مڃيو ويو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪ بندين جو سلسلو ختم ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي جا ڪجهه حلقا 3 لک ۽ ڪجهه 900 هزار آبادي تي مشتمل آهن. چيف جسٽس چيو ته عدالت 15 آگسٽ تي سمورين ڌرين کي تفصيل سان ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ڪندي، اليڪشن 28 آگسٽ تي ٿيڻي هئي ان ڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي نه ٿيندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي درخواست رڳو شهري علائقن تائين محدود آهي.

عدالت چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڪامياب ٿيل نمائندن جون درخواستون به منظور ڪري ورتيون. ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف موقف اختيار ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ تڪ بندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏنو آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته 2015 ۾ ڪيل ترميمون سپريم ڪورٽ جي 2014 جي فيصلي جي توهين هئي. هن چيو ته هڪ يونين ڪائونسل 95000 ووٽرن تي مشتمل آهي جڏهن ته ٻي يونين ڪائونسل 30000 ووٽرن تي مشتمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته تڪبندين ۾ فرق آئين جي آرٽيڪل 25 ۽ اليڪشن ايڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 25 جي واضح ڀڃڪڙي آهي. هن الزام هنيو ته تڪ بندين ۾ فرق ڄاڻي واڻي ڪيو ويو ته جيئن پيپلز پارٽي پنهنجو ميئر چونڊرائي سگهي. جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

وڌيڪ پڙهو: