پاڪستان

January 11, 2022 3:28 pm

اليڪشن ڪميشن درخواست، ڌمڪي يا ڪنهن دٻاءُ ۾ نه اچي : شهباز شريف

ن ليگ صدر ميان شهباز شريف اليڪشن ڪميشن کان پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پڪڙيل 8 واليمز سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 8 واليمز ۾ پي ٽي آءِ جا سمورا ڳجها بئنڪ اڪائونٽس ۽ پرڏيهي فنڊنگ جا تفصيل موجود آهن.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته جاچ جو مطالب رڪارڊ سامهون آڻڻ هو،

حقيقتون عوام جي امانت آهن، اليڪشن ڪميشن درخواست، ڌمڪي يا ڪنهن دٻاءُ ۾ نه اچي.

هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس لڪائڻ عمران خان جي ڏوهه جو چٽو ثبوت آهي، اسٽيٽ بئنڪ پي ٽي آءِ جَي اڪائونٽس ۽ کاتن جو جيڪو رڪارڊ ڳوليو آهي، اهو سامهون آندو وڃي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته 8 واليمز، 28 بئنڪ اڪائونٽس ۽ لاڳاپيل دستاويزن کي لڪائي نٿو سگهجي، لڪائڻ وارو قانون جي نظر ۾ ڏوهي آهي..

وڌيڪ پڙهو: