پاڪستان

January 14, 2022 12:12 pm

الله تعاليٰ موجودهه منحوس حڪومت مان عوام جي جان آجي ڪرائي : حمزه شهباز

پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز  مني بجيٽ کي عوام لاءِ قاتل زهر قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ن ليگ جي اڳواڻ حمزه شهباز چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آسمان سان ڳالهائي رهي آهي، حڪمران چون ٿا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ  آهي.

هن چيو ته عمران نيازي هاڻ الله جي پڪڙ ۾ آهي، پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڪهڙو تماشو ٿيو، سڀني ڏٺو.

حمزا شهباز چيو ته عمران خان چئي ٿو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مهانگائي آهي ته حڪومت ڇا ڪري، پيٽرول جون قيمتون 74 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.

هن چيو ته حڪمران پنهنجي تڪ ۾ عوام کي منهن ڏيکارڻ جي اهل نه رهيا آهن، الله تعاليٰ موجودهه منحوس حڪومت مان عوام جي جان آجي ڪرائي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته اسان  حڪمرانن جو پيڇو ڪنداسين، هي ملڪ جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهن، ملڪ ٻڏي رهيو آهي، معيشت  سڏڪا ڀري رهي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جو جنازو ڌوم سان نڪرندو،حڪومت اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو آهي..

وڌيڪ پڙهو: