اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

June 18, 2022 4:05 pm

الحمدالله  وائيٽ لسٽ جي طرف واپسي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي, وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف  پاڪستان پاران سمورا شرط پورا ڪرڻ جي ايف اي ٽي ايف اعلان جو آڌرڀاءَ  ڪندي چيو آهي ته الحمدالله  وائيٽ لسٽ جي طرف واپسي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ وزير اعظم شهبازشريف پاڪستان پاران سمورا شرط پورا ڪرڻ جي ايف اي ٽي ايف جي اعلان جو  آڌرڀاءُ ڪيو .

وزير اعظم سمورن حڪومتي ادارن ، شخصيتن ۽ لاڳاپيل ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان سڀني جون ڪوششون ڪامياب ٿيون، مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو  جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيون ٿا.

هن چيو ته ايف اي ٽي ايف  بابت جوڙيل بنيادي سيل ان ۾ شامل فوجي ۽ سول قيادت ۽ ٽيم جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن،هي ڪريڊٽ انهن ڏانهن ئي وڃي ٿو،جيڪا لاڳاتار ڪم ڪري رهي آهي…

وڌيڪ پڙهو: