پاڪستان

December 19, 2021 1:34 pm

افغانستان کي انساني المئي کان بچائڻ لاءِ مسلم امت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو : شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ۾ افغانستان بابت او آءِ سي جي پرڏيهي ۽ نائب پرڏيهي وزيرن جو غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي عوام  کي خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي،

اجلاس افغانستان جي عوام جي مسئلن کان آگاهي لاءِ آهي، هي اجلاس افغانستان جي بقا لاءِ اهم آهي.

هن چيو ته معاشي بحران خطي لاءِ تباهي مچائيندڙ هوندو،

40 سال پهريان پاڪستان افغانستان لاءِ ساڳي نوعيت جو اجلاس سڏايو هو.

پرڏيهي وزير چيو ته خوراڪ جو عالمي ادارو افغانستان ۾ خوراڪ جي مسئلي جي نشاندهي ڪري چڪو آهي،

دنيا افغان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرو ٿئي،

افغانستان کي انساني المئي کان بچائڻ لاءِ مسلم امت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو..

وڌيڪ پڙهو: