پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي او آءِ سي اجلاس کان پهريان ئي ڪاميابي حاصل ٿي وئي آهي، دنيا ۾ اسان جو آواز پهچي ويو آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جون معاشي حالتون عالمي برادري جي ڌيان جون طلبگار آهن،
آمريڪا، يورپي يونين ۽ ٻين کي افغانستان جي صورتحال جو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون.
پرڏيهي وزير چيو ته افغان عوام کي خوراڪ ۽ دوائن جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ پگهارن ڏيڻ لاءِ پيسن جي ضرورت آهي..