پاڪستان

December 3, 2021 11:53 am

اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي

اليڪشن ڪميشن ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم سواتي کي 22 ڊسمبر  تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو،

ساڳي ڪيس ۾ فواد چوڌري جي معافي نامي تي فيصلو محفوظ،

اليڪشن ڪميشن تي الزامن ۽ ڌمڪين واري ڪيس ۾ آعظم سواتي وڪيل ذريعي لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري  ٿي آهي ته هو معافي وٺي ٿو،

اعظم سواتي جي پيش نه ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن پڇيو ته ڇا وفاقي وزير اسان کي نظرانداز ڪري رهيو آهي؟

اليڪشن ڪميشن سنڌ جي  ميمبر نثار دراني چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيو، سمورن ادارن کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي..

وڌيڪ پڙهو: