پاڪستان

November 18, 2021 3:22 pm

اسپيڪر پارليامينٽ جو ڪسٽوڊين نه پر هڪ پارٽي جو نمائندو آهي : شيري رحمان

پ پ جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت گڏيل اجلاس ۾ 33 بلز بلڊوز ڪري پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي توهين ڪئي،

ڪالهه آئين ۽ پارلياماني قائدن ۽ ضابطن جو کليل طريقي سان مذاق اڏايو ويو

شيري رحمان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪالهوڪو ڏينهن پاڪستان جي پارلياماني تاريخ جي ڪارن ڏينهن ۾ شامل هوندو،

ڪالهه طاقت ۽ مصنوعي اڪثريت جو بدترين مظاهرو سڄي دنيا ڏٺو،

شيري رحمان چيو ته ثابت ٿي ويو ته اسپيڪر پارليامينٽ جو ڪسٽوڊين نه پر هڪ پارٽي جو نمائندو آهي،

اتحادين جي جبري حاضري ۽ مشاورت کانسواءِ قانون سازي هاڻي تڪراري بڻجي چڪي آهي

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 2010ع کان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي خدشن جو اظهارڪري رهي آهي،

قوم ۽ اليڪشن ڪميشن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين زوري مڙهي پئي وڃي،

شيري رحمان چيو ته ٿوري وقت ۾ 8 لک مشينون گهرائڻ، عملي کي سکيا ڏيڻ ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ ممڪن ئي ناهي،

هي چونڊن تي ڌاڙو هڻن جا حربا ڳولي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته عوام کين هينئر کان ئي رد ڪري ڇڏيو آهي..

وڌيڪ پڙهو: