سنڌ

November 30, 2021 2:24 pm

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي حفاظتي ضمانت منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ نوڪريون ڏيڻ واري نيب ڪيس ۾ نامزد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي،

عدالت آغا سراج دراني جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ،

نيب ترميمي آرڊيننس بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ اثاثا ڪيس ۾ نامزد آغا سراج دراني جي ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ هو ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ نوڪريون ڏيڻ واري نيب ڪيس ۾ نامزد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

ٻڌڻي دوران آغا سراج دراني پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ضمانت واري درخواست ڏيڻ وقت جوابدار جو پيش ٿيڻ لازمي هوندو آهي.

وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست ڏني آهي، جنهن سبب هو پيش نه ٿي سگهيو آهي.

عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي ۽ کيس ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ..

وڌيڪ پڙهو: