سنڌ

December 15, 2021 11:49 am

اسين نٿا چاهيون ته ڪراچي سوڌو سموري سنڌ جون حالتون خراب ٿين : سعيد غني

اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته سنڌ اندر نئين صوبي جي ضرورت ناهي،

ايم ڪيو ايم کانسواءِ سڀئي پارٽيون صوبي جي حق ۾ ناهن، ايم ڪيو ايم ڪڏهن ڪڏهن اهو شوشو ڇڏي ٿي ۽ بعد ۾ پاڻ ئي ان تان هَٽِي وڃي ٿي،

هڪ ٽولو پنهنجي مفادن لاءِ لسانيت جو نعرو هڻي ۽ اسين ان پٺيان هلي پئون، اهو ممڪن ناهي،

هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم نه پر پي ٽي آءِ هنگامو ڪيو،

اسين نٿا چاهيون ته ڪراچي سوڌو سموري سنڌ جون حالتون خراب ٿين..

وڌيڪ پڙهو: