پنجاب ۾ سموگ ۽ وڌندڙ آلودگي سبب لاهور ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول هفتي ۾ ٽي ڏينهن بند رهندا.
پنجاب جي رليف ڪمشنر بابر حيات تارڙ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاهور ۾ سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول ڇنڇر، آچر ۽ سومر تي بند رهندا.
نوٽيفڪيشن تي عمل 27 نومبر کان 15 جنوري تائين ڪيو ويندو، لاهور ۾ سموريون خانگي آفيسون هفتي ۾ ٽي ڏينهن به بند رهنديون.